ڏاهي جهرڪي

ڏاهي جهرڪي

ڏاهي جهرڪي

ڏاهي جهرڪي (ڪتاب): هيءُ ڪتاب سنڌي ٻوليءَ جي ناليواري سفرناما نويس الطاف شيخ جو نصيحت آميز مختلف ڪهاڻين جو مجموعو آهي. ڪتاب ۾ ليکڪ پاران دلچسپ عنوانن سان ڪهاڻيون ڏنيون ويون آهن، جن ۾ ’شيشي جو ٻوچ‘، ’استاد ڦڏو ۽ چپو‘، ’ڀاڳ واري ڪٽلي‘، ’واڱڻائي گدڙ‘، ’وتايو فقير‘، ’نصيرالدين ۽ جاءِ سي ڪبايان‘، ’ڪبايان ۽ چؤنرا‘، ’حاجي سڳوري لاءِ دعوت‘، ’هرڻ جو شڪار‘، ’ڏاهو کيکڙو‘ سميت 46 ڪهاڻيون شامل آهن. ڪتاب جو انتساب ليکڪ پاران پنهنجي استاد محمد خان ميمڻ جي نالي ڪيو ويو آهي. ڪتاب ۾ ڏنل هر ڪهاڻيءَ جي عنوان جي مٿان عنوان جي مطابقت سان اسڪيچ ڏنا ويا آهن. رنگين ٽائيٽل سان ڊيمي سائيز جي 150 صفحن تي مشتمل هيءُ ڪتاب روشني پبليڪيشن، ڪنڊياري پاران ڇپيل آهي، جنهن جي قيمت 100 روپيا ڄاڻايل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو